زيب النساءَ حميدالله

زيب النساءَ حميدالله

زيب النساءَ حميدالله

زيب النساءَ حميدالله: پاڪستان جي پهرين عورت صحافي، ڪالم نويس، شاعره، اديبه ۽ سماجي ڪارڪن زيب النساءَ 25 ڊسمبر 1921ع تي ڪڪلتي جي هڪ ڳوٺ تيجور (انڊيا) ۾، سيد واجد عليءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعلق علمي ادبي گهراڻي سان هو. سندس والد هڪ ناليوارو ليکڪ هو. زيب النساءَ جي والده هڪ انگريز خاتون هئي، جيڪا لنڊن ۾ رهائش پذير هئي. ٻيءَ مهاڀاري جنگ کان اڳ زيب النساءَ پنهنجي والده سان ڪجهه وقت لاءِ لنڊن ۾ رهي ته لنڊن جي انگريزي اخبار (Mirror) ۾ نظمن جي هڪ مقابلي ۾ سندس نظم ڇپيو، جنهن تي کيس انعام ڏنو ويو. ان وقت سندس عمر 15 سال هئي. لنڊن کان واپس هندستان اچڻ بعد هن مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکڻ جي شروعات ڪئي. ‘اسٽار آف انڊيا’ ۽ ‘مارننگ نيوز’ ۾ سندس لکيل ڪالم باقاعده شايع ٿيندا هئا. 1947ع ۾ ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان پاڪستان لڏي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. پاڪستان اچڻ بعد هن انگريزي اخبارن ۾ ڪالم لکڻ جي شروعات ڪئي. هوءَ پهرين مسلمان خاتون هئي، جنهن جا ڪالم انگريزي اخبارن ۾ شايع ٿيندا هئا. هن پاڪستان جي پهرين عورت ڪالم نويس ۽ سياسي تجزيانگار جي حيثيت سان تمام گهڻي مڃتا ماڻي. سندس لکيل ڪالم ۽ تجزيا روزاني ‘ڊان ’ ۾ شايع ٿيندا هئا. هن 1951ع ۾ ‘دي مِرر’ (The Mirror) نالي ماهوار رسالو جاري ڪيو. اهڙي ريت هوءَ پاڪستان جي پهرين عورت ايڊيٽر ۽ پبلشر ٿي وئي. رسالي ‘دي مرر’ ۾ سندس لکيل ايڊيٽوريل تمام سنجيده سچا ۽ کرا هوندا هئا. ان وقت جي صدر سڪندر مرزا جڏهن حسين شهيد سهرورديءَ کي وزارت اعليٰ تان برطرف ڪيو ته زيب النساءَ صدر خلاف تنقيدي ايڊيٽوريل لکيو، جنهنڪري سندس رسالي تي پابندي وڌي وئي. اهو معاملو نامياري وڪيل اي. ڪي. بروهي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ حڪومتي فيصلي کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو. ان کان سواءِ صدر ايوب خان ‘فيلڊ مارشل’ ٿيو ته ان خلاف به زيب النساءَ پنهنجي رسالي ‘دي مرر’ ۾ تنقيدي مضمون لکيو. سندس ادارت هيٺ نڪرندڙ ماهوار رسالو ‘دي مرر’ 21 سالن تائين شايع ٿيندو رهيو. 1972ع ۾ سندس مڙس حميدالله جي بدلي آئرلينڊ ۾ ٿيڻ سبب رسالو بند ڪري پاڻ به آئرلينڊ ۾ رهائش پذير ٿي وئي. 1979ع ۾ هيءَ وطن واپس آئي ته ڪيترين اخبارن ۽ رسالن ۾ ٻيهر لکڻ جو آغاز ڪيائين.
زيب النساءَ پهرين عورت هئي، جنهن کي باضابطا طور ‘پاڪستان پريس ڊيليگيشن’ (وفد) طور کنيو ويو. هن عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ به ڪم ڪيو. پاڻ ڪراچي ‘بزنس اينڊ پروفيشنل وومين ڪلب’ قائم ڪيائين. ا
ان کان سواءِ ‘آل پاڪستان ورڪنگ وومين ايسوسيئيشن’ جوڙڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو. پاڻ ڪيترن سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين. سندس انگريزي شاعريءَ جا چار ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) Indian Lost Leaves.
(2) 2 Poems
(3) Bouquet
(4) The Flute of Money.
1956ع ۾ سندس لکيل سفرنامو 60 Days in America شايع ٿيو. ان کان سواءِ سندس لکيل ڪهاڻين جو ڪتاب The young wife جي عنوان سان آڪسفرڊ پريس پاران ڇپرايو ويو آهي. سندس خدمتن عيوض کيس بيشمار اوارڊن سان نوازيو ويو. 60 واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ جي هڪ اهم روڊ ايلفنسٽن اسٽريٽ تي سندس نالي پٺيان ‘زيب النساءَ اسٽريٽ’ جو نالو رکيو ويو.
هن 10 سيپٽمبر 2000ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو